جج ڌمڪي ڪيس: عمران خان جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: سيشن عدالت جج ڌمڪي ڪيس ۾ عمران خان جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ سول جج محمد مريد عباس پي ٽي آءِ چيئرمين جي خلاف عورت جج ڌمڪي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عدالت جي آڏو پيش ٿيو ۽  پنهنجا دليل مڪمل ڪيا.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل سلمان صفدر پنهنجا دليل مڪمل ڪيا هئا. عورت جج ڌمڪي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان بريت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔