اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي تيزي جاري

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ۽ سئو انڊيڪس 61 هزارن جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن کان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس روز بلند ترين سطح پار ڪري رهيو آهي ۽ اڱاري ڏينهن به ڪاروبار دوران سئو انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح 60 هزار 845 تي پهچي ويو پر ڪاروبار جي پڄاڻي 918 پوائنٽن جي واڌ سان رڪارڊ 60 هزار 730 تي ٿي.
اڄ اربع ڏينهن به ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏٺي وئي ۽ سئو انڊيڪس ۾ 323 پوائنٽن جي واڌ ٿي، جنهن سان انڊيڪس 61 هزارن جي سطح پار ڪري نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔