حماس وڌيڪ 13 اسرائيلين ۽ 7 پرڏيهي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو

حماس وڌيڪ 13 اسرائيلين ۽ 7 پرڏيهي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو، آزد ڪيل سمورا ماڻهو مصر روانا ٿي ويا

 يرغمالين جي آزادي بابت رڪاوٽن جو خاتمو قطر ۽ مصر جي ڪوششن سان ممڪن بڻيو، حماس طرفان 20 يرغمالين جي آزادي جي عيوض اسرائيل جنگبندي ڊيل تحت 39 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو هو

 آزاد ڪيل فلسطيني قيدين ۾ 33 ٻار ۽ 6 عورتون شامل، 7 آڪٽوبر کان غزا تي اسرائيلي حملن ۾ 14 هزار 854 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن

 شهيدن ۾ 6 هزار 150 ٻار ۽ 4 هزار کان وڌيڪ عورتون شامل آهن، غزا ۾ اسرائيل جي حملن ۾ 311  تعليمي ادارا ۽ 87 ايمبولنسز تباهه ٿي چڪيون

رپورٽس موجب 26  اسپتالون مڪمل طور بند پيل آهن، اسرائيلي فوج طرفان 167 عبادتگاهن کي به نشانو بڻايو ويو، ٻارن جو وڏو انگ شهيد ٿي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔