سنڌ جي نگران وڏي وزير گورک هل اسٽيشن ۾ ٿيل ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي نگران وڏي وزير گورک هل اسٽيشن ۾ ٿيل ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. ترجمان موجب سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر گورک هل اسٽيشن جي فنڊز ۽ اثاثن جي غلط استعمال تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پراجيڪٽ جي گاڏين، ريسارٽ ۽ پيٽرول جي استعمال ۾ تمام گهڻي ڪرپشن سامهون اچي رهي آهي.

وڏي وزير مقبول باقر چيو ته پراجيڪيٽ جي گاڏين تي 18 ڊرائيور مقرر آهن پر اهي ڊيوٽي پرائيويٽ ماڻهن وٽ ڪري رهيا آهن. گورک هل اسٽيشن تي هوٽل ۾ 12 بورچي رکيا ويا آهن ان جي باوجود به پراجيڪٽ جي بهتري لاءِ  ڪم نه پيو ٿئي. پراجيڪٽ ۾ 140 ملازم مقرر آهن پر ڪوبه ڪم صحيح طريقي سان نه پيو ٿئي.

سنڌ جي نگران وڏي وزير گورک هل اسٽيشن تي مقرر پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کي وضاحت ڏيڻ ۽ چيف سيڪريٽري کي پراجيڪٽ تي مڪمل جاچ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته گورک هل پراجيڪٽ ۽ فنڊز عوام جي تفريح ۽ سهوليت جي لاءِ آهن، من پسند ماڻهن کي نوازڻ جي لاءِ نه آهن. فنڊز جو غلط استعمال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔