مخالف تنقيدون ڪندا رهن، اسان ڪم تي يقين رکندا آهيون: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته تنقيد ڪندڙ ڀلي تنقيدون ڪندا رهن اسان ڪم تي يقين رکندا آهيون.

سفاري پارڪ ۾ نئين لڳايل زپ لائين جي افتتاح جي موقعي تي ميئر ڪراچي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته زپ لائين کي عوام لاءِ کوليو ويو آهي. ڪراچي جي هي پهرين فلائي زپ لائين آهي. ان کان اڳ ڊائنو سفاري پارڪ بنائي چڪا آهيون. شهرين کي تفريحي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ مصروف آهيون.

هن چيو ته ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ هڪ جهڙا ترقياتي ڪم جاري آهن. سڀ چاهين ٿا ته ڪراچي جون رونقون بحال ٿين. شهر ۾ بدمعاشي ۽ تنقيد جي سياست کي ختم ڪيو ويندو. ڪراچي وارن کي نظر اچي ويوآهي ته مسئلو اختيارن جو نه پر نيت جو هو.

مرتضيٰ وهاب چيو ته ماڻهو چون ٿا ته ارڙهين ترميم خراب آهي؟ مان کانئن پڇان ٿو ته ان ۾ ڪهڙي خرابي آهي اهو نٿا ٻڌائين. ڪراچي جي ميئر وڌيڪ چيو ته شهر ۾ وڌيڪ پارڪس ٺاهڻ اسان جو ٽارگيٽ آهي. ڪيترائي ڪم مالي کوٽ سبب سُست رفتاري جو شڪار آهن. ايڊونچر پارڪ کي به بحال ڪنداسين عوام کي معياري سهولتون ڏيڻ جي لاءِ ڪوشان آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔