ڪراچي ۾ شاپنگ مال کي باهه لڳڻ سبب 11 ڄڻا فوت، ڪيترائي دڪان سڙي ويا

ڪراچي ۾ شاپنگ مال کي باهه لڳڻ سبب 11 ڄڻا فوت، ڪيترائي دڪان سڙي ويا، گلشن اقبال ۾ راشد منهاس روڊ تي شاپنگ سينٽر جي ڇهين ماڙ کي باهه لڳڻ بعد هيٺ چوٿين ماڙ تائين پکڙجي وئي، باهه لڳڻ جي واقعي گهڻ ماڙ عمارت سميت علائقي جي بجلي معطل، ريسڪيو اختيارين موجب عمارت مان 42 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو، دونهين ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب 11 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق، وڌيڪ 10 ڄڻا بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل، عمارت اندر وڌيڪ ماڻهو ڦاٿل، جناح اسپتال جي اختيارين موجب چئن فوتين جا لاش آندا ويا، وڌيڪ 5 ماڻهو علاج دوران فوت ٿي ويا، فوتين جو انگ 9 ٿي ويو، فائر برگيڊ اختيارين موجب 12 گاڏيون، 2 اسنارڪل ۽ 50 فائر فائٽر جي مدد سان باهه وسائي وئي، ريڪسيو آپريشن ۽ ڪولنگ جو عمل جاري، عمارت کي باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔