آصف زرداري سياسي جماعتن سان ڳالهين لاءِ اڳواڻ مقرر ڪري ڇڏيا

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جي سربراهه طور سياسي جماعتن سان ڳالهين لاءِ مختلف اڳواڻن کي مقرر ڪري ڇڏيو

پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ سياسي جماعتن سان ڳالهه ٻولهه لاءِ نيئر حسين بخاري، قمر زمان ڪائرا، فيصل ڪريم ڪنڊي، محمد علي شاهه باچا ۽ ساجد طوري مقرر ڪيا ويا آهن

آصف زرداري پاران سنڌ ۾ سياسي جماعتن سان ڳالهين جو ٽاسڪ سعيد غني ۽ ناصر شاهه حوالي ڪيو ويو آهي

آصف زرداري بلوچستان ۾ سياسي جماعتن سان ڳالهين جو ٽاسڪ چنگيز خان جمالي، روزي خان ڪاڪڙ ۽ صابر علي بلوچ کي سونپي ڇڏيو

آصف زرداري تازو پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته مان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو سربراهه آهيان ۽ بلاول سميت سڀني کي چونڊن لاءِ ٽڪيٽس مان جاري ڪندس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔