صدر عارف علوي کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد: صدر عارف علوي کي  عهدي تان هٽائڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. صدر عارف کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست هڪ شهري طرفان داخل ڪئي وئي آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ صدر عارف علوي جي جانبداري ۽ قانون جي ڀڃڪڙين خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي. صدر عارف علوي جيڪڏهن قانوني بي قاعدگين ۾ ملوث آهي ته کيس فوري طور تي عهدي تان هٽايو وڃي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته صدر عارف علوي جانبدار آهي ۽ ملڪي سربراهه جي عهدي تي رهڻ جي اهل نه آهي. صدر پنهنجي عهدي تي غير جانبداري سان ڪم نه پيو ڪري.  صدر پنهنجي عهدي جو ناجائز استعمال ڪري رهيو آهي.

درخواستگذار موجب صدر عارف علوي پنهنجي آفيس کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حق ۾ استعمال ڪري رهيو آهي. صدر چونڊن جي تاريخ نه ڏئي  پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪيون آهن. صدر آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ جهڙن معاملن تي سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪيا. صدر عارف علوي آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تي صحيحون نه ڪري پنهنجي جانبداري جو ثبوت ڏنو.

شهري جي درخواست ۾ صدر عارف علوي، سندس سيڪريٽري ۽ قانون ۽ انصاف جي وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔