نگران حڪومت جو چونڊن کان اڳ پهرين صنعتي پاليسي آڻڻ جي رٿا، مشاورتي ڪائونسل قائم

اسلام آباد : نگران حڪومت عام چونڊن کان اڳ پهرين صنعتي پاليسي آڻڻ جو منصوبو جوڙي ورتو جنهن لاءِ  حڪومت 19 رڪني صنعتي مشاورتي ڪائونسل قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ ملڪ جي ناميارن صنعتڪارن کي شامل ڪيو ويو آهي.

حڪومت صنعت ۽ پيداوار بابت نگران وزير گوهر اعجاز کي 19 رڪني صنعتي مشاورتي ڪائونسل جو چيئرمين مقرر ڪيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، انڊسٽريل ايڊوائزري ڪائونسل ۾ نجي شعبي مان ٻارنهن ميمبرز شامل ڪيا ويا آهن جڏهن ته ايڊوائزري ڪائونسل ۾ ڇهه سرڪاري ميمبرز پڻ شامل هوندا، انڊسٽريل ايڊوائزري ڪائونسل جي رپورٽ جي روشني ۾ پاليسي کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

ذريعن موجب، نگران حڪومت چونڊن کان اڳ پهرين صنعتي پاليسي آڻڻ جو منصوبو جوڙيو آهي جنهن لاءِ تمام شعبن کان تجويزون وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پائيدار ملڪي معاشي ترقي لاءِ جاندار صنعتي پاليسي جوڙي ويندي جنهن جو مقصد صنتعن کي سئو سيڪڙو پيداواري صلاهيت تي هلائڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔