آشيانه ريفرنس ۾ وڏي اڳڀرائي: شهباز شريف، احد چيمه سميت سمورا 10 جوابدار بري

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف سميت ٻين جوابدارن جي خلاف آشيانه ريفرنس ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. عدالت شهباز شريف، احد خان چيمه ۽ فواد حسن فواد سميت  سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي.

آشيانه هائوسنگ ريفرنس ۾ شهباز شريف سميت 13 جوابدارن جي احتساب عدالت ۾ بريت جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ اٽارني جنرل ۽ نيب پنهنجون رپورٽون پيش ڪري ڇڏيون.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجوده ڪيس تي اثر انداز نٿو ٿئي جنهن تي عدالت چيو ته بريت جي درخواستن تي 2 ڪلاڪن اندر فيصلو ڏيندس.

جنهن کان پوءِ عدالت شهباز شريف سميت 10 جوابدارن جي بريت جي درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت فواد حسن فواد، بلال قدوائي، شاهد شفيق سميت 10 جوابدارن جي بريت جون درخواستون منظور ڪري ورتيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔