اسرائيلي فوج جي خان يونس شهر تي بمباري، ٻارن سميت 26 فلسطيني شهيد

غزه: اسرائيلي فوج جا هٿين خالي فلسطينين تي حملا جاري آهن.  غزه جي ڏاکڻي پٽي جي علائقي خان يونس ۾ رهائشي عمارتن کي نشانو بنايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت 26 ڄڻا شهيد ٿي ويا. جنهن کان پوءِ اسرائيلي فوج جي حملن دوران شهيد ٿي ويل فلسطينين جو انگ 12 هزار کان وڌي ويو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب اسرائيل جي جنگي جهازن خان يونس جي علائقي ۾ رهائشي عمارتن کي نشانو بنايو جنهن سبب ڪيترائي شهري زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا موجب ناصر اسپتال جي ڊائريڪٽر ٻڌايو آهي ته شهر ۾ رهئاشي عمارت تي حملي کان پوءِ اسپتال ۾ 26 لاش ۽ 23 سخت زخمي آندا ويا.

ٻڌايو پيو وڃي ته اسرائيلي فوج طرفان ڏاکڻي شهر خان يونس ۾ فلسطينين کي آگاهه ڪيو ويو هو ته هو مغربي علائقن طرف منتقل ٿي وڃن جتي امداد ڏني پئي وڃي. اهڙي آگاهي مان اهو اشارو ملي ٿو ته اسرائيل هاڻ ڏاکڻي غزه ۾ حماس تي حملو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

ٻئي طرف اتر غزه جي علائقن ۾ اسرائيلي جهازن جي بمباري جاري آهي جتي اسڪولن، رهائشي عمارتن ۽ اسپتالن تي بم وسايا پيا وڃن. جڏهن ته اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 12 هزار کان وڌي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔