پي ٽي آءِ چيئرمين تي لڳايل قلمن ۾ عمرقيد، يا موت جي سزا آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمد قريشي جي ضمانت رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق 10 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ عدالت طرفان چيو ويو آهي ته عمران خان تي لڳايل قلمن ۾ عمر قيد يا موت جي سزا آهي. شاهه محمود قريشي کي به ان ئي تناظر ۾ ڏٺو ويندو. اهڙن ڪيسن ۾ ڪو مناسب سبب موجود نه هجي ته ضمانت نٿي ڏئي سگهجي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڏوهه لاءِ ڀڙڪائڻ، ڏوهه جي سازش يا مدد ڪندڙ کي ڏوهه جي مُک جوابدار طور ئي ڏٺو ويندو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ضمانت سزا روڪڻ نه آهي پر عمر قيد يا موت جي سزا وارن جوابدارن کي ضمانت ڏيڻ وقت عدالتون احتياط کان ڪم وٺنديون آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ڪيل تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٽرائيل پهريان کان ئي شروع آهي، 248 جي ڇوٽ صرف آفيشل ڊيوٽي جي لاءِ آهي. شاهه محمود قريشي تي 27 مارچ تي جلسي ۾ تقرير ڪرڻ جو الزام آهي.  اهو عمل آفيشل ڊيوٽي ۾ نٿو اچي. عدالت ضمانت رد ڪندي حڪم ڏئي ٿي ته ٽرائيل 4 هفتن ۾ مڪمل ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔