پاڪستان جي سڀ کان وڏي دشمن روايتي سياست آهي:بلاول ڀٽو

مرادن: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي گذريل وفاقي حڪومت ۾ 2 انقلابي قدم کنيا ويا، پهريون قدم 18هين ترميم ۽ ٻيو قدم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪرڻ هو

مرادن ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي دشمن روايتي سياست آهي، هاڻ نئين سياست جي شروعات ڪرڻي پوندي

هن چيو ته اصل مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري جو حل رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ آهي، اسان کي حڪومت ملي ته انڪم سپورٽ پروگرام کي وڌائينداسين

بلاول چيو ته عوامي راڄ لاءِ پيپلز پارٽي کي عام چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائڻو پوندو، سڀني کي نظر اچي رهيو آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي ڪامياب ٿيندي

بلاول مردان جي پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته پاڻ ۾ ويڇا ختم ڪري متحد ٿيو، محنت ڪريو، پوءِ ڪابه پارٽي اوهان کي شڪست نه ڏئي سگهندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔