عمران خان اڳوڻي آمريڪي سفير خلاف قانوني ويڙهه وڙهڻ جو چيو آهي: عليمه خان

راولپنڊي: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته کيس اڊيالا جيل ۾ قيد ڀاءَ ٻڌايو آهي ته سائفر سازش ۾ آمريڪي سفارتخانو پوري طرح ملوث هيو، آمريڪي سفير ڊونلڊ لو خلاف آمريڪي عدالتن ۾ قانون جنگ وڙهنداسين.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيان سان ڳالهائيندي عليمه خان ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي صحت بهتر آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان کاڌي جي ڪابه شڪايت نه ڪئي وئي.
عليما خان جو چوڻ هو ته ڪيس جو هاءِ ڪورٽ مان اسٽي آرڊر ٿي ويو آهي، ڪيس ۾ اِهي قلم شامل ڪيا پيا وڃن جنهن کيس (عمران خان) کي موت جي سزا ۽ جنم ٽيپ ٿي سگهي، ٻڌايو وڃي پي ٽي آءِ چيئرمين اهڙو ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جنهن تي هي قلم لڳايا ويا؟ راڻا ثناءُالله چيئرمين تي ڪيس ڪيو، عمران خان کي پاڪستان ۾ انصاف ملڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔