9 مئي سانحو: خديجه شاهه کي نظربند ڪرڻ جو حڪم

لاهور: 9 مئي سانحي بابت ڪيسن ۾ نامزد مشهور فيشن ڊيزائينر خديجه شاهه کي 30 ڏينهن لاءِ نظربند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر لاهور خديجه شاهه جي نظربندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خديجه شاهه کي نظربند ڪرڻ جو حڪم ايس پي ڪينٽ ۽ ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس برانچ جي شفارش تي جاري ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن موجب، خديجه شاهه 9 مئي تي پرتشدد ڪارروائين ۾ شامل هئي ۽ هوءَ ٻيهر امن امان جي صورتحال خراب ڪري سگهي ٿي.
ياد رهي ته جناح هائوس لاهور ۾ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ خديجه شاهه کي گرفتار ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔