اسٽيبلشمينٽ سان سٺا لاڳاپا رهيا آهن، پي ٽي آءِ سان گڏ آهيان: پرويز الاهي

لاهور: پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين سان گڏ آهيان ۽ هميشه گڏ رهندس. اسٽيبلشمينٽ سان سٺا لاڳاپا رهيا آهن. ڪنهن به پريس ڪانفرنس جو نه چيو آهي.

عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران صحافين سان ڳالهيون ڪندي تحريڪ انصاف جي صدر  پرويز الاهي چيو ته قسم کڻي چوان ٿو ته اڄ تائين مون کي ڪنهن به پريس ڪانفرنس جو نه چيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين مون سان گڏ پاسي واري سيل ۾ آهي. آءِ ايم ايف ۽ يورپي يونين جا ماڻهو عمران خان سان ملاقات ڪرڻ ايندا رهندا آهن.

هن چيو ته پي ٽي آءِ کي چونڊن دوران ايترا ووٽ پوندا جنهن جي ڪابه حد نه هوندي. (ن) ليگ وٽ لاهور سميت سموري ملڪ ۾ چونڊ وڙهڻ لاءِ ماڻهو نه آهن. اسان جا اسٽيبلشمينٽ سان هميشه سٺا لاڳاپا رهيا آهن.

پي ٽي آءِ جي صدر وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين سان گڏ بيٺل آهيان ۽ رهندس. چونڊن جي تاريخ سپريم ڪورٽ جي چوڻ تي ملي آهي. هن چونڊن ۾ ڌانڌلي نه ٿيندي.

ٻئي پاسي چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب اسيمبلي ۾ غيرقانوني ڀرتين جي معاملي ۾ 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي جوڊيشل مئجسٽريٽ عمران عابد جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت تحريڪ انصاف جي صدر کي گهر ڀاتين سان ملاقات جي اجازت ڏيندي سندس جوڊيشل ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔