پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ تي آءِ جي ۽ ڊي سي کي نوٽيس جاري

پشاور: تحريڪ انصاف کي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ تي آءِ جي خيبرپختونخواهه ۽ ڊي سي مانسهره کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

پاڪستان تحريڪ انصاف کي ورڪر ڪنوينشن ۽ جلسن جي لاءِ اجازت نه ڏيڻ تي داخل ڪيل توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي جسٽس اعجاز انور ۽ جسٽس ايس ايم عتيق شاهه تي ٻڌل پشاور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ڪئي

عدالت آءِ جي پوليس خيبرپختونخواهه ۽ ڊپٽي ڪمشنر مانسهره کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل ايڊووڪيٽ شاهه فيصل اتمان خيل عدالت کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ مانسهره ۾ ورڪرز ڪنوينشن جي لاءِ انتظاميه کي درخواست ڏني پر اسان کي اجازت نه ڏني وئي. عدالتي حڪمن جي باوجود پي ٽي آءِ کي مانسهره ۾ ورڪرز ڪنوينشن جي اجازت نه ڏني وئي.

اي اي جي دانيال چمڪني عدالت کي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر ڊي پي او کي ويريفڪيشن جي لاءِ درخواست اماڻي پر ڊي پي او اجازت نه ڏني جنهن تي جسٽس اعجاز انور ريمارڪس ڏنا ته هي ته روڊ تي جلسو نه ڪري رهيا هئا هنن ڪمپائونڊ ۾ جلسو ڪرڻ چاهيو ٿي پوءِ اجازت ڇو نه ڏني وئي. عدالت طرفان اجازت ڏني وئي هئي ته جيڪڏهن هي بند جڳهه ۾ ڪنوينشن يا جلسو ڪرڻ چاهين ٿا ته ڪري سگهن ٿا.

عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته 5 نومبر تي ڪنوينشن هو ۽ 30 آڪٽوبر تي ڊپٽي ڪمشنر کي درخواست ڏني ته اجازت ڏني وڃي.  انتظاميه ڪنوينشن جي اجازت نه ڏني رات جو اسٽيج ڪرايو ويو ۽ پاڻ سان گڏ ڪرسيون به کڻي ويا.

 جنهن کان پوءِ عدالت آءِ جي ۽ ڊپٽي ڪمشنر مانسهره کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔