ٻيون سيمي فائنل: آسٽريليا ڏکڻ آفريقا خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪوالڪته: ڀارت ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023 جي ٻئين سيمي فائنل ۾ ڏکڻ آفريقا آسٽريليا خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ڀارتي شهر ڪوالڪٽه جي ايڊن گارڊنز ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آسٽريليا جي قيادت پيٽ ڪمنز ڪري رهيو آهي  جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي اڳواڻي ٽيمبا بادوما ڪري رهيو  آهي. اڄوڪو ميچ کٽيندڙ ٽيم فائينل ۾ ڀارت سان مهاڏو اٽڪائيندي.

ورلڊ ڪپ ۾ ٻنهي ٽيمن 9-9 ميچ کيڏيا آهن جن مان ٻئي ٽيمون 7-7 ميچ کٽڻ ۾ ڪامياب رهيون جڏهن ته 2 ميچز ۾ کين ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو هو.

ياد رهي ته ميگا ايونٽ جي ليگ ميچ ۾ ٻئي ٽيمون هڪ ڀيرو آمهون سامهون ٿي چڪيون آهن جنهن ۾ ڏکڻ آفريقا آسٽريليا کي 134 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔