9 مئي ڪيس: اڳوڻي پي ٽي آءِ ايم اين اي سميت 23 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

پشاور:دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي ڀڃ ڊاهه واقعن ۾ ملوث پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي سميت 23 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

اي ٽي سي جج جهانزيب شنواري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت اڳوڻي ايم اين اي ساجد مهمند سميت سمورن 23 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جنهن کان پوءِ  عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ استغاثه کان گواهه به طلب ڪري ورتا.

پوليس موجب جوابدارن 9 مئي تي ضلعي مهمند ۾ مين غلنتي روڊ کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو هو هنن سيڪيورٽي فورسز ۽ ٻين قومي ادارن جي خلاف چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪيون.

جوابدارن جي خلاف غلنئي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي. پوليس جاچ مڪمل ڪري چالان عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔