هاڻي واٽس ايپ ۾ پراڻا پيغام ڳولڻ سولو ٿي ويو

ڪيليفورنيا :انسٽنٽ ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ پنهنجي بيٽا ورجن ۾ تاريخ جي حساب سان ميسيج ڳولڻ جو فيچر آزمائش لاءِ پيش ڪري ڇڏيو. فيچر کي استعمال ڪندي واهپيدارن مخصوص تاريخ تي موڪليل ميسيج سولائي سان ڳولي سگھندا.
رپورٽ ۾ پيش ڪيل هڪ اسڪرين شاٽ ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته پيغام ڳولڻ لاءِ ڪلينڊر جو بٽڻ موجود آهي جنهن کي استعمال ڪندي واهپيدار ڪنهن به مخصوص تاريخ تي موڪليل پيغام جلد ڳولي سگھندا.

رپورٽ موجب ان فيچر جي مدد سان چيٽ ۾ گذريل تاريخن ۾ وڃي پيغام ڪڍڻ نه رڳو وقت بچائيندو پر واهپيدارن کي مونجهاري کان به بچائيندو.
وڌيڪ اهو ته اهو فيچر لکت پيغامن بدران وائيس نوٽ جهڙا پيغام به ڳولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
واضح رهي ته ڪمپني طرفان اهو آزمائشي فيچر بيٽا واهپيدارن لاءِ دستياب آهي جيڪو واٽس ايپ جي آفيشل بيٽا پروگرام ۾ تازو ئي شامل ٿيو آهي. پر اميد ڪئي پئي وڃي ته جلد ان کي ٻين واهپيدارن لاءِ به پيش ڪيو ويندو پر ان جي حتمي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔