اسان ٺيڪو ناهي کنيو، رجسٽرڊ پناهگيرن کي به واپس موڪلينداسين: نگران وزير

ڪراچي :بلوچستان جي اطلاعات بابت نگران وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته افغان حڪومت سخت بيان نه ڏئي، غير قانوني افغان پناهگيرن کانپوءِ هاڻ رجسٽرڊ پناهگيرن کي به واپس موڪلينداسين.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جان اچڪزئي چيو ته اڄ اهم مسئلي تي ڳالهائي رهيا آهيون، اسان هر قسم جي دهشتگردي کي چٿڻ ڄاڻون ٿا، قوم متحد آهي، وزيراعظم واضح ڪيو آهي ته غير قانوني ماڻهن کي افغانستان حوالي ڪيو وڃي.
هن چيو ته ٽي ٽي پي جي ٿاڪن جو به خاتمو آندو ويندو، هر مهيني 200 ماڻهو حملن ۾ شهيد ٿي رهيا آهن، اسان غير قانوني ماڻهن جو ٺيڪو ناهي کنيو، افغان حڪومت سخت بيان نه ڏئي، رجسٽرڊ پناهگيرن کي به واپس موڪلينداسين.
سندس چوڻ هو ته اسان بلوچستان ۾ هڪ هزار پرڏيهين کي حراست ۾ وٺي واپس موڪليو، روز سون جي انگ ۾ غير قانوني واپس ٿي رهيا آهن، اسان جي مهم غير قانوني ماڻهن خلاف آهي ۽ جاري رهندي.
جان اچڪزئي چيو ته سنڌ حڪومت اسان سان گهڻو سهڪار ڪيو آهي، سنڌ مان غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جو سلسلو ايندڙ ڏينهن ۾ تيز ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔