سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جي سزا خلاف اپيل ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪري ورتي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي سزا خلاف اپيل ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪري ورتي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ ٻڌڻي هلائي

 بينچ  ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله شامل هئا، اڳوڻي صدر پرويز مشرف پاران سلمان صفدر ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار پاران رشيد اي رضوي پيش ٿيا

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته بينچ جي جوڙجڪ بابت ڳالهيون هلي رهيون هيون، وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته مان بينچ تبديل ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيان

 جسٽس منصور کي ان ڪري بينچ ۾ شامل ڪيو جو هو ماضي ۾ هي ڪيس ٻڌي چڪو آهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته 2019 جا ڪيس اڄ تائين مقرر ڇو نه ٿيا، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔