اسلام آباد ۾ ايف آءِ اي جي ڪارروائي: 4 پرڏيهي عورتون، 3 ٻار فليٽ مان بازياب

اسلام آباد: ايف آءِ اي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل راولپنڊي 4 عورتن ۽ 3 ٻارن کي اسلام آباد مان بازياب ڪرائي ورتو آهي.

متاثرين جو تعلق آذربائيجان سان آهي، عورتن کي نوڪري جو آسرو ڏئي آذر بائيجان مان آندو ويو. جوابدار متاثر عورتن جو جنسي استحصال ڪندا هئا.

متاثر عورتن وزٽ ويزا تي پاڪستان آيون هيون جنهن جو مدو ختم ٿي چڪو هو ۽ هو غيرقانوني طور تي رهائش پذير هيون.

ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل راولپنڊي جي ٽيم عورتن ۽ ٻارن کي اسلام آباد جي علائقي اي اليون ۾ واقع فليٽ مان بازياب ڪرائي ورتو. ڇاپي جي دوران عورتن کان پاسپورٽ پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ اي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل اسلام آباد 3 انساني اسمگلرن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن. غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين جي گرفتاري لاءِ ڪريڪ ڊائون جاري آهي. انساني اسمگلرن جي گرفتاري لاءِ خصوصي ٽيمون به جوڙيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔