عمران خان کي پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه نه ڪرائڻ تي ايس پي اڊيالا جيل کي نوٽيس جاري

اسلام آباد:  آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان ڳالهه ٻولهه نه ڪرائڻ تي سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شيراز رانجها عمران خان جي پٽن سان فون تي ڳالهه ٻولهه نه ڪرائڻ تي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالتي حڪمن جي باوجود سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان فون تي ڳالهه ٻولهه نه ڪرائي ۽ ايس پي جيل عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪيو.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي ۽ جيل اختيارين کي پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائڻ واري حڪم تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کي نوٽيس جاري ڪندي 8 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔