آءِ ايم ايف حڪومتي ادارن جي نقصان بابت پراڻن انگن اکرن واري رپورٽ مڃڻ کان انڪارڪري ڇڏيو

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) حڪومتي ادارن جي نقصان جي تازي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن ناڻي واري وزارت کان هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي تائين حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نقصانن جي تازي رپورٽ گهري آهي. آءِ ايم ايف حڪومتي ملڪتي ادارن جي نقصانن تي پراڻن انگن اکرن جي رپورٽ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف کان ڊسمبر 2023 تائين رپورٽ ڏيڻ لاءِ وقت گهري ورتو آهي

ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف مشن سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ ٽيم کي پنهنجي پهرين جائزه رپورٽ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي اختيارين طرفان ٻڌايو ويو آهي ته حڪومتي ملڪيتي ادارن جي  نون انگن اکرن جي جاچ ڪري رهيو آهي.

ذريعن موجب پاڪستاني اختيارين طرفان آءِ ايم ايف وفد کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومتي ملڪيتي ادارن  جي نون انگن اکرن بابت رپورٽ جلد مڪمل ڪري وٺنداسين. ياد رهي ته آءِ ايم ايف جو وفد جائزه ڳالهين جي لاءِ ٻن هفتن جي دوري تي پاڪستان ۾ موجود آهي. آءِ ايم ايف وفد پاڪستاني اختيارين سان مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔