سينيٽ اجلاس: فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف مذمتي قرارداد منظور

اسلام آباد:سينيٽ آف پاڪستان فلسطين سان اظهار يڪجهتي ۽ اسرائيلي جارحيت خلاف مذمت جي لاءِ گڏيل قرارداد منظور ڪري ورتي آهي.

اجلاس دوران سينيٽر سليم مانڊوي والا خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته فلسطين جي لاءِ اسلامي ملڪ ڪجهه نه ڪري رهيا آهن. ترڪي به هڪ پاڻي جي بوتل تائين غزه ۾ نه پهچائي سگهيو آهي. پاڪستان به سواءِ ڳالهين جي ڪجهه نه ڪري سگهيو آهي. هن چيو ته لڳي ٿو ته پاڪستان فلسطين جي بجاءِ اسرائيل جي حمايت ڪري رهيو آهي. پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت آهي. اهم ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. مون کي پنهنجو پاڻ کي مسلمان چوندي شرم محسوس ٿي رهيو آهي ڪوبه مسلمان انفرادي حيثيت ۾ ڪجهه نٿو ڪري سگهي.

اجلاس ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته فلسطين ۾ ٻارن کي جهڙي طرح شهيد ڪيو پيو وڃي ان جي مثال نٿي ملي. يونيسيف جي هڪ عهديدار موجب غزه قبرستان جو منظر پيش ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته اتان جي صورتحال پوري دنيا جي لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي. ڪالهه اسرائيل جباليه جي هنڌ تي هڪ تازو حملو حملو ڪيو. اسرائيلي حملا يروشلم ۽ مغربي ڪناري تائين وڌي ويا آهن. آزادانه ذريعن موجب شهادتن جو انگ به وڌيڪ آهي.

نگران پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي حڪومت هن مسئلي تي چٽو پيغام ڏنو آهي. پاڪستان سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن جي سامهون پنهنجو موقف رکيو آهي. او آءِ سي فورم ۾ گڏيل طور تي قرارداد منظو ڪئي وئي جنهن ۾ جنگبندي ۽ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جو مطالبو ڪيو ويو. ان کان علاوه سمورن جنگي قيدين کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو.

سينيٽ جي  اجلاس ۾ قائد ايوان اسحاق ڊار فلسطين جي حق ۽ اسرائيلي جارحيت خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪئي جنهن کي گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان اسرائيل جي جنگي ڏوهه جي مذمت ۽ مظلوم فلسطينين جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. اسرائيلي جارحيت فوري بند ۽ سيز فائر ڪيو وڃي. اسرائيل جي جنگي ڏوهه جي حمايت ڪندڙ ملڪ ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ آهن. فلسطين جي آزاد رياست قائم ڪئي وڃي جنهن جي گادي جو شهر يروشلم هجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔