اسلام آباد: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه تي اسرائيل جي عام شهرين کي نشانو بنائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ڇڏي آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته گذريل ڏينهن پناهگيرن جي جباليه ڪيمپ تي سخت بمباري ڪئي وئي آهي، اسرائيل جي بمباري سبب سوين شهري شهيد ٿيا. جن ۾ عورتون ۽ معصوم ٻار به شامل آهن.
نگران وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جي مذمت جوڳين ڪاررواين کي ڪڏهن به معاف نٿو ڪري سگهجي. فلسطيني عوام جي قتل عام کي بند ڪرائڻ جي لاءِ دنيا کي هاڻ عملي قدم کڻڻ گهرجن.
ياد رهي ته اسرائيلي فورسز طرفان گذريل ڏينهن غزه ۾ جباليه پناهگيرن جي ڪيمپ تي هوائي حملن ۾ وڌيڪ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد جڏهن ته 150 زخمي ٿي پيا آهن. اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جي نتيجي ۾ هينئر تائين 9 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.