آءِ ايم ايف وفد 70 ڪروڙ ڊالر قسط تي ڳالهين لاءِ سڀاڻي پاڪستان پهچندو

اسلام آباد:  پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) وچ ۾ 70 ڪروڙ ڊالر جي ٻئي قسط لاءِ ڳالهيون هلندڙ هفتي شروع ٿينديون جنهن جي لاءِ آءِ ايم ايف جو جائزه مشن 2 نومبر تي پاڪستان پهچندو ۽ پهرين ٽه ماهي اقتصادي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندو.

ذريعن موجب جائزه مشن جي قيادت ناٿن پورٽر ڪندو ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان اقتصادي جائزي لاءِ پاڪستان جي معاشي ٽيم طرفان هلندڙ تياريون حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن ۽ پاڪستان آءِ ايم سان طئي ڪيل اسٽرڪچرل حدف حاصل ڪري ورتا آهن ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ اها اهم شرط به پوري ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔