قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا اهلڪار اغوا ٿين ته پوءِ عوام جو الله ئي حافظ آهي: نگران وڏو وزير

سنڌ جي نگران وڏي وزير پاران شڪارپور جي ڪچي مان ايس ايڇ او سميت 5 ڄڻن جي اغوا واقعي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي

 نگران وڏي وزير مقبول باقر جو آءِ جي سنڌ پوليس کي فون، شڪارپور ۾ ويهي مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي

 نگران وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا اهلڪار اغوا ٿي وڃن ته پوءِ عوام جو الله ئي حافظ آهي، ڇا هتي جهنگ جو قانون هلي رهيو آهي يا پوليس سُتل آهي؟

ايس ايس پيز ۽ ڊي آءِ جيز گهرن ۾ ويهي پوليسنگ ڪندا آهن، جيڪو عمل برداشت جوڳو ناهي، اهڙن پوليس آفيسرز جي سنڌ توڙي صوبي جي  عوام کي ڪا ضرورت ناهي

 نگران وڏي وزير ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي

نگران وڏي وزير چيو ته ايس ايڇ او۽ ٻيا مغوي ٽن ڏينهن اندربازياب نه ٿيا ته ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي خلاف ڪارروائي ٿيندي

نگران وڏي وزير وڌيڪ چيو ته مان پاڻ ٿاڻن ۽ پوليس آفيسرز جي دفترن جي انسپيڪشن ڪندس، ڇا سڀ پوليس اهلڪار سُتل هئا؟، انڪوائري رپورٽ پيش ڪئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔