ملڪ ۾ نئين ”نيپا“ وائرس جو الرٽ جاري

اسلام آباد: صحت جي قومي اداري ملڪ ۾ نيپا وائرس جي پکڙجڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.
صحت جي قومي اداري وفاقي ۽ صوبائي هيلٿ اٿارٽين کي نيپا وائرس جو تنبيهي خط موڪلي ڇڏيو آهي

صحت جي قومي اداري چيو آهي ته ڀارتي سرحدي علائقن ۾ موجود چمڙن سان نيپا وائرس پاڪستان منتقل ٿي سگھي ٿو، متاثر چمڙن جي کاڌر ميون سان نيپا وائرس انسان ۾ منتقل ٿي سگھي ٿو.
صحت جي قومي اداري موجب نيپا وائرس متاثر چمڙن ۽ سور مان انسان ۾ منتقل ٿيندو آهي.
صحت جي قومي جو چوڻ هو ته نيپا وائرس جون علامتون 5 کان 14 ڏينهن تائين رهي سگھن ٿيون، مٿي ۾ سور، بخار ۽ ساهه کڻڻ ڏکيائي نيپا وائرس جون علامتون آهن، دل ڪچي ٿيڻ، پٺن ۾ سور ۽ ننڊ واري ڪيفيت نيپا وائرس جون علامتون آهن.
صحت جي قومي اداري چيو ته ايئرپورٽ ۽ سرحدي هنڌن تي اثرائتي سرويلينس يقيني بڻائي وڃي، نيپا وائرس جي علاج لاءِ اينٽي وائرل يا ويڪسين دستياب ناهي.
واضح رهي ته ڀارت ۾ نيپا وائرس جا ڪيترائي ڪيس سامهون آيا آهن، اهي ڪيس ڏکڻ رياست ڪيرالا ۾ سامهون آيا آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪيرالا ۾ وچڙندڙ وبائي وائرس نيپا سبب هيل تائين ڪيترائي ماڻهو فوت جڏهن ته 700 کان وڌيڪ متاثر ٿي چڪا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔