افغانستان ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 2 هزار 400 کان وڌي ويو

ڪابل: افغانستان جي صوبي برات ۾ زلزلي سبب ٿيندڙ فوتگين جو انگ 2 هزار 400 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. افغان اختيارين زلزلي سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته زلزلي سبب 1 هزار 500 کان وڌيڪ گهر تباهه ٿي ويا آهن.

افغان اختيارين  موجب صوبي برات ۾ ايندڙ زلزلي جي شدت 6.3 رڪارڊ ڪئي وئي جنهن سبب انفرااسٽرڪچر کي سخت نقصان پهتو جڏهن ته بادغيس ۽ فرح صوبي ۾ به آفٽر شاڪس محسوس ڪيا ويا.

ڊپٽي گورنمنٽ جي ترجمان ٻڌايو ته بدقسمتي سان زلزلي ۾ ٿيندڙ فوتگيون تمام وڌيڪ آهن زلزلي سبب برات جا خوفزه ٿيل شهري روڊن تي موجود آهن.

ٻئي طرف افغانستان ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي ترجمان ملاجانان سائق طرفان ملبي هيٺيان دبيل ماڻهن جي فوتگين جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ به گذريل سال جون ۾ افغانستان جي وچ اوڀرين حصي ۾ زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو  هو جيڪو ٻن ڏهاڪن کان سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ زلزلو قرار ڏنو ويو هو جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 1500 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔