پاڪ بحريه جي نئين سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ڪمان سنڀالي ورتي

اسلام آباد: ايڊمرل نويد اشرف پاڪ بحريه جي 23هين سربراهه جي حيثيت سان ڪمان سنڀالي ورتي آهي.

پاڪ بحريه جي ڪمان جي تبديلي واري تقريب پي اين ايس ظفر اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ هٽايل نيول چيف ايڊمرل(ر) محمد امجد خان نيازي پاڪ بحريه جي ڪمان نئين ايڊمرل نويد اشرف جي حوالي ڪئي.

ايڊمرل محمد امجد خان نيازي شرڪت ڪندڙن کي الوداعي خطاب ڪندي چيو ته پاڪ نيوي جي ڪمانڊ ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز هو. پاڪ بحريه پيشوارانه صلاحيتن جي حامل آهي ۽ پاڪ بحريه جو شمار دنيا جي بهترين فوج ۾ ٿيندو آهي.

هن چيو ته مصنوعي ذهانت جو مستقبل ۾ زندگين تي تمام وڏو عمل دخل هوندو اسان کي مستقبل جا چيلنجز سامهون رکي صلاحيت کي وڌائڻو آهي. رٽائرڊ ٿيل نيول چيف چيو ته پاڪستان گڏيل ڪوششن ۽  تعاون تي يقين رکي ٿو. بليواڪانومي ڪيس به ملڪ جي لاءِ  انتهائي اهم هوندو آهي.

facebook sharing button
twitter sharing button
pinterest sharing button
email sharing button
sharethis sharing button

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔