آرمي چيف جو معاشي نقصان جي روڪٿام لاءِ اهم هدايتون جاري

ڪراچي: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ سرڪاري کاتا غيرقانوني سرگرمين جي اسپيڪٽرم خلاف ڪارروائين کي پوري سگهه سان جاري رکندا.
آءِ ايس پي آر موجب، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان گڏ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي

ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس دوران بريفنگ ڏني وئي ۽ نيشنل ايڪشن پلان، سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن، سي پيڪ رٿائن تي ڪم ڪندڙ پرڏيهي شهرين جي حفاظت، غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي، غير ملڪي ڪرنسي کي ريگولرائز ڪرڻ معاملن تي غور ڪيو ويو.
ان موقعي تي آرمي چيف ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ٻيا سرڪاري کاتا غيرقانوني سرگرمين جي اسپڪٽرم خلاف ڪارروائين کي پوري سگهه سان جاري رکنداسين ته جيئن وسيلن جي چوري ۽ اهڙين سرگرمين سبب مُلڪ کي ٿيندڙ معاشي نقصان کي روڪي سگهجي .
اجلاس دوران ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان، سنڌ ۾ ايس آءِ ايف سي جي قدمن تي اڳڀرائي ۽ گرين سنڌ جي جهڙا منصوبا غور هيٺ آيا.
اجلاس دوران آرمي چيف تاريخي قدمن جي اثرن لاءِ لاڳاپيل کاتن وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڏنو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔