استادن جو عالمي ڏڻ: سڄي سنڌ ۾ تقريبون ۽ تقريبون، استادن کي ڀيٽا

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ استادن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، دوڙ، اڪري چودڳي، فيض گنج ۽ ٻين شهرن ۾ تقريبون، ريليون ۽ ميڙاڪا ڪوٺائي استادن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي

ڪنري، پنگريو، سٺ ميل، ڀريا روڊ ۽ ٻين شهرن ۾ به تقريبون ۽ ريليون ڪڍيون ويون

ڪراچي ۾ خانگي اسڪولز جي ڊائريڪٽوريٽ پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ نگران وڏي وزير مقبول باقر، تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي ۽ تعليم واري نگران صوبائي وزير راڻا حسين شرڪت ڪئي

نگران وڏي وزير چيو ته ملڪن ۽ قومن جي ترقي جو مقابلو ڪلاس رومز ۾ ٿي رهيو آهي، ڪلاس روم جو دارومدار سٺي استاد تي هوندو آهي،  سماج جي خدمت ڪندڙ استاد ڀيٽا جا مستحق آهن، تعليم واري نگران وفاقي ۽ صوبائي وزيرن پاران به استادن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔