ورلڊ ڪپ 2023 جي اڄ کان شروعات: انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون افتتاحي ميچ کيڏنديون

احمدآباد: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 جي شروعات اڄ کان ڀارت ۾ ٿيندي، ون ڊي ڪرڪيٽ تي حڪمراني لاءِ 10 ٽيمون مهاڏو اٽڪائينديون. افتتاحي ميچ ۾ دفاعي چيمپين انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.

گذريل ورلڊ ڪپ جون فائنلسٽ ٽيمون انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ پاڪستاني وقت موجب ٻنپهرن جو اڍائي وڳي ڀارت جي شهر احمد آباد جي ميدان ۾ لهنديون، ٻنهي ٽيمن جي ون ڊي رڪارڊ تي نظر وڌي وڃي ته انگلينڊ جي ٽيم نيوزيلينڊ تي حاوي آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 95 ون ڊي ميچز کيڏيا ويا آهن جنهن ۾ 45 ۾ انگلينڊ ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته 44 ۾ نيوزيلينڊ انگلينڊ کي شڪست ڏني. 3 ميچ بنا ڪنهن نتيجي ۽ 2 ميچ برابر رهيا. ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون 10 ڀيرا آمهون سامهون ٿيون. جنهن ۾ ٻنهي 5-5 ميچز کٽيا آهن.

انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن ۾ اهڙا رانديگر موجود آهن جيڪي ڪنهن به وقت ميچ جو پاسو تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔