آمريڪي بچاءَ واري وزير لائيڊ جي آسٽن جو آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ٽيليفونڪ رابطو

آمريڪي بچاءَ واري وزير لائيڊ جي آسٽن پاران  آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ويو آهي .

پينٽاگون جي پريس سيڪريٽري بريگيڊئير جنرل پيٽ رائيڊر هڪ بيان ۾ چيو ته بچاءَ واري وزير لائيڊ جي آسٽن اڱاري ڏينهن پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي .

بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف ۽ آمريڪي بچاءَ واري وزير گڏيل دلچسپي واري شعبن سان گڏوگڏ هاڻوڪي علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . ان حوالي سان آءِ ايس پي آر پاران فوري طور تي ڪو به بيان سامهون نه آيو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔