رياست جي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وينداسين: آرمي چيف

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستاني شهري جي جان، مال ۽ ڀلائي ڪنهن به ٻئي ملڪ ۽ ڪنهن به دنياوي مفاد کان مٿانهين آهي.
نگران وزيراعظم جي سربراهي ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ غير قانوني پرڏيهي جي واپسي لاءِ پهرين نومبر جي ڊيڊ لائن ڏني وئي

ايپڪس ڪميٽي دهشتگردي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي جاري رکڻ، دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف سخت ڪارروائيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ غير قانوني پرڏيهي پهرين نومبر تائين اثاثا کپائي پنهنجي ملڪ واپسي جا پابند هوندا، ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ تي انهن کي ملڪ بدر ڪيو ويندو ۽ سندن ملڪيتون ضبط ڪيون وينديون.
ذريعن موجب آرمي چيف اجلاس ۾ زور ڏيندي چيو ته هڪ پاڪستاني شهري جي جان، مال ۽ ڀلائي ڪنهن به ٻئي ملڪ ۽ ڪنهن به دنياوي مفاد کان مٿانهين آهي.
هن چيو ته پاڪستان وٽ چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، رياست جي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ اسان ڪنهن به حد تائين وينداسين.
اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته پاڪستان اڪيلو ملڪ آهي، جتي بنا پاسپورٽ جي به پرڏيهي اچي ويندا آهن، پهرين نومبر کانپوءِ سڀني غير قانوني پرڏيهين کي ڊي پورٽ ڪنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔