بشريٰ بي بي طرفان مڙس جي سيڪيورٽي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي پنهنجي مڙس پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سيڪيورٽي بابت درخواست تي اعتراض ختم ڪندي 5 آڪٽوبر تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق بشريٰ بي بي جي پنهنجي مڙس جي جيل ۾ سيڪيورٽي ۽ تحفظ جي لاءِ داخل ڪيل درخواست تي اعتراضن سان گڏ ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ بشريٰ بي بي جو وڪيل لطيف کوسو عدالت جي آڏو پيش ٿيو.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاورق پڇاڻو ڪيو ته درخواست تي اعتراض لڳايو ويو آهي. اوهان جي درخواست ۾ ڪهڙي استدعا آهي؟

وڪيل لطيف کوسي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي حياتي کي خطرو آهي. سندس مٿان وزيرآباد ۾ به حملو ٿي چڪو آهي جيل ۾ سيڪيورٽي ۽ حقن جي تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي.

لطيف کوسي جي جواب تي عدالت رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪندي درخواست 5 آڪٽوبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔