توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس: فواد چوڌري جي بريت واري درخواست تي نوٽيس جاري

اسلام آباد: ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طاهر عباس سپرا فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ بريت واري درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي 23 آڪٽوبر تي دليل طلب ڪري ورتا آهن.

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طاهر عباس سپرا فواد چوڌري جي بريت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

وڪيل فيصل چوڌري ذريعي داخل ڪيل بريت جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته فواد چوڌري جي خلاف ڪيس سياسي بنيادن تي ٺاهيو ويو. ڪيس ۾ ڪوبه ثبوت نه آهي نه ئي ايف آءِ آر جي ڪاپي لڳائي وئي آهي. چالان ۾ به بنيادي نوعيت جا ثبوت حاصل نه ڪيا ويا آهن.

مدعي اليڪشن ڪميشن جو ملازم آهي سندس بيان کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ ان جو بيان به شامل نه ڪيو ويو آهي.  عدالت کان استدعا ڪئي ٿي وڃي ته هن ڪيس ۾ بريت جي درخواست منظور ڪئي وڃي.

عدالت فواد چوڌري جي بريت واري درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 23 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔