ليفٽيننٽ جنرل منير افسر نادرا چيئرمين مقرر

اسلام آباد: ليفٽيننٽ جنرل منير افسر کي نادرا چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.
وفاقي گهرو وزارت نئين نادرا چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
جنهن موجب ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر جي نادرا چيئرمين طور مقرري بنا دير ٿيندي.
ليفٽيننٽ جنرل منير افسر جي ايڇ ڪيو ۾ آءِ جي ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر آهي.
وفاقي ڪابينه ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر جي نادرا چيئرمين طور مقرري جي منظوري ڏني، وفاقي ڪابينه اها منظوري گهرو وزارت جي سمري تي 3 نالن مان ڏني، سليڪشن ڪميٽي 3 اميدوارن جا نالا شارٽ لسٽ ڪيا هئا.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا تفصيلي غور ويچار کانپوءِ نئين نادرا چيئرمين جي مقرري جي منظوري ڏني.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔