اداڪاره ماهره خان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻنڌجي وئي

ڪراچي: پاڪستاني سپر اسٽار اداڪاره ماهره خان پنهنجي پراڻي دوست ۽ ڪارباري شخصيت سليم ڪريم سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻنڌجي وئي .

اداڪاره جي شادي جي تقريب ۾ محدو د انگ ۾ ويجهن دوستن ۽ مائٽن شرڪت ڪئي .

اداڪاره ماهره خان جي منيجر انوشي طلحا خان پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل تصويرن ۽ وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪنوار جي جوڙي ۾ اداڪاره پنهنجي گهٽ ڏانهن وڌي رهي آهي . اداڪاره ماهره خان بول، منٽو ، ايڪٽر ان لا، رئيس ، ورنه ، سات دن محبت ۽ ٻين فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي .تازوئي فلم دي ليجنڊ آف مولاجٽ ۾ سندس اداڪاري کي بي حد ساراهيو ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔