غيرقانوني دوائن جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

اسلام آباد: نيشنل ٽاسڪ فورس غيرقانوني دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف ملڪ گير ڪريڪ ڊائون لاءِ هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو.
ڊريپ طرفان غيرقانوني دوائن جو ڪاروبار ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان نيشنل ٽاسڪ فورس هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي.

غيرقانوني دوائن کپائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو هدف نيشنل ٽاس فورس جي حوالي ڪيو ويو آهي.
نيشنل ٽاس فورس صوبائي صحت کاتي سان گڏجي غيرقانوني دوائن جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي، ان ڏس ۾ ڊريپ جي صوبائي آفيسز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
نيشنل ٽاس فورس ڳجهي اطلاع تي سموري ملڪ ۾ ڇاپا هڻندي ۽ ملڪ گير ڪارروائين جي روزاني بنيادن تي پورٽ تيار ٿيندي، جڏهن ته قانون ٽوڙيندڙ عنصرن خلاف ڊريپ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيندا.
آپريشن کان اڳ وڏن شهرن جي ميڊيسن مارڪيٽس ۾ سرويلنس جاري ڪيا ويا ۽ ڪراچي، حيدرآباد لاهور جي ميڊيسن مارڪيٽ سميت راولپنڊي، فيصل آباد، ڪوئيٽه، پشاور جي ميڊيسن مارڪيٽ ۾ ڇاپن جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔