پاڻ کان وڌيڪ مون کي پنهنجي ٽيم تي اعتماد آهي : بابر اعظم

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم جو چوڻ  آهي ته هن کي پاڻ کان وڌيڪ پنهنجي ٽيم تي اعتماد آهي .

ورلڊ ڪپ جي لاءِ ڀارت روانگي کان اڳ اڱاري ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ بابر اعظم جو چوڻ هو ته انهن ئي رانديگرن  پاڪستان کي نمبر ون بڻايو آهي ، مون کي خبر آهي ته ڪير منهنجي لاءِ ۽ ٽيم لاءِ فائيٽ ڪري رهيو آهي .

ورلڊ ڪپ بابت بابر اعظم وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ پهريون ڀيرو کيڏڻ جو دٻاءُ ناهي ، حالتن جي باري ۾ خبر آهي ، اڳوڻن ڪرڪيٽرن  کان معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ، ورلڊ ڪپ جي لاءِ ڀرپور تياري آهي . ڪوشش ڪنداسين ته ٽيم طور سٺي راند پيش ڪريون .

هن چيو ته مون لاءِ اعزاز آهي ته هن ڀيري ڪپتان جي حيثيت سان کيڏي رهيو آهيان ، ڪوشش آهي ته اسان کٽي اچون ،انهن ئي ڇوڪرن جي ڪري اسان نمبر ون بڻيا آهيون ، مان ٽيم ۾ گهڻين تبديلين جو قائل نه آهيان . ايشيا ڪپ جي ٻن ميچز ۾ اسان سٺو نه کيڏيا آهيون ، فيلڊنگ ۾ گهٽتائي هئي ، بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي ، هر مئچ ۾ هڪ جهڙي غلطي نه ٿيندي آهي ، هڪ غلطي کي ڪور ڪيون ٿا ته ٻي اچي وڃي ٿي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔