سائوٿ اداڪارا سلڪ جو اڌ کاڌل صوف هڪ لک ۾ نيلام

ممبئي : سائوٿ فلمن جي مشهور سلڪ اسميتا کي سائوٿ سائرن جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي

هن ڪاميابي لاءِ وڏي محنت ڪئي ڪاميابي حاصل ڪيائين. اداڪارا بابت اهڙا واقعا به ٿيا جن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو

هڪ ڀيري سلڪ اسميتا هڪ فلم جي شوٽنگ ڪري رهئي هئي ۽ وقفي دوران اداڪارا هڪ صوف کڻي ان کي چڪ هنيو جنهن کانپوءِ وري سڏ ڪرڻ تي شاٽ لاءِ هلي

تڏهن شوٽ تي موجود هڪ شخص اڌ کاڌل صوف کڻي ڀڄي ويو. بعد ۾ هن اڌ چڪيل صوف کي نيلام ڪيو ۽ ان جي بدلي ۾ کيس وڏا پيسا مليا. ڪجهه ماڻهن دعويٰ ڪئي ته صوف گهٽ ۾ گهٽ 26 هزار رپين کان هڪ لک رپين ۾ وڪرو ٿيو هو. هن اداڪارا نه رڳو سائوٿ فلمن پر بالي ووڊ ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔