سائفر ڪيس: عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ واڌ

اسلام آباد: خصوصي عدالت سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

اسپيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف اٽڪ جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن  سلسلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ليگل ٽيم ۾ شامل لطيف کوسه، نعيم پنجهوته، بيرسٽر سلمان صفدر ۽ عمير نيازي عدالت ۾ پيش ٿيا.

جج ابوالحسنات ذوالقرنين سائفر ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ تحريڪ انصاف چيئرمين جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 10 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي سائفر ڪيس ۾ جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالتي عملي سندس حاضري لڳائي جنهن کان پوءِ عدالت شاهه محمود قريشي جي به جوڊيشل ريمانڊ ۾ 10 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔