ڀارت دفاعي چيمپين سريلنڪا کي عبرتناڪ شڪست ڏئي اٺون ڀيرو ايشيا ڪپ جو فاتح بڻجي ويو

ڪولمبو:  ڀارت دفاعي چيمپين سريلنڪا کي ايشيا ڪپ  جي فائنل ۾ هڪ طرفي مقابلي ۾ شڪست ڏئي رڪارڊ اٺون ڀيرو ايشيا ڪپ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.

ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت سريلنڪا کي صرف 51 رنسن جو حدف آساني سان 6.1 اوورز ۾ حاصل ڪري ورتو. ڀارت 10 وڪيٽن تان ميچ کٽي ايشين چيمپين بڻجي ويو. ڀارت طرفان شبمن گل 27 ۽ ايشان ڪشن 23 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست رهيا. ياد رهي ته ڀارت رڪارڊ سڀني کان وڌيڪ 8 ڀيرا ايشيا ڪپ جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو آهي.

ڪولمبو ۾ کيڏيل فائنل ۾ سريلنڪا ڀارت جي خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو، فائنل ۾ سريلنڪا جي بيٽنگ برسات سبب دير سان شروع ٿي ميچ شروع ٿيندي ئي سريلنڪا جا رانديگر هڪ ٻئي پٺيان آئوٽ ٿيندا ويا.

سريلنڪا جا شروعاتي 6 رانديگر صرف 12 رنسن تي پويلين موٽي ويا هئا جڏهن ته سڄي سريلنڪا جي ٽيم 15.2 اوورز ۾ 50 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڀارت جي بالر محمد سراج بهترين بالنگ ڪندي 21 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون ورتيون. جڏهن ته باردڪ پانڊيا 3 رانديگرن کي آوٽ ڪيو، هڪ وڪيٽ بمراهه جي حصي ۾ آئي.

سريلنڪا جا 9 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا. سريلنڪا جو ڪوشل مينڊس 17 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. جڏهن ته سريلنڪا جا پنج رانديگر ٻُڙي تي آئوٽ ٿيا.

ڀارتي ڪپتان روهت شرما ٽاس جي موقعي تي  چيو هو ته ٽاس کٽيون ها ته اسان پهريان بيٽنگ ڪريون ها. سريلنڪن ڪپتان داشن شناڪا چيو ته پچ بيٽنگ جي سازگار لڳي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔