آءِ فون جي تصوير ۾ سدائين 9:41 جو وقت ڇو نظر ايندو آهي؟

جيڪڏهن اوهان آءِ فون پسند ڪندا آهيو ته (جيڪڏهن اهو پڙهي رهيا آهيو ته امڪاني طور تي ضرور پسند ڪندا آهيو) ته ڇا اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته ايپل جي ان ڊوائس جي تصوير ۾ سدائين 9:41 جو وقت نظر ايندو آهي؟
اوهان ايپل جي ويب سائيٽ ۾ آءِ فونز جو سيڪشن اوپن ڪريو ته هر ڊوائس تي اهو ئي وقت نظر ايندو.
پر انهيءَ وقت جي چونڊ ڇو ڪئي ويندي آهي، ڇا اهو ايپل جو لڪي ٽائم آهي؟
ان جو جواب گھڻو دلچسپ آهي پر ان کان اڳ اهو ڄاڻي وٺو ته گھڻو ڪري ڀت وارين گھڙيالن ۽ ٻانهن ۾ پهري ويندڙ واچن کي جڏهن تيار ڪيو ويندو آهي ته ان تي 10:10 جو ٽائم سيٽ هوندو آهي.
ان جا ڪيترائي سبب آهن جيئن اهو مرڪندڙ چهري جي نشاني بڻبو آهي ۽ ڏسڻ ۾ به سٺو لڳندو آهي.
پر ايپل طرفان مخصوص وقت جي چونڊ ڇو ڪئي وئي؟
ان جو سبب دلچسپ هجڻ سان گڏ گھڻو سادو آهي ۽ اهو اِهو آهي ته پهريان آءِ فون جي جهلڪي 2007ع ۾ انهيءَ وقت پيش ڪئي وئي هئي.
2007ع ۾ پهرين آءِ فون کي پيش ڪرڻ کان اڳ سلائڊ شو ڏيکاري رهيا هئا ته ان ۾ ڊوائس جي تصوير تي 9:41 (اي ايم) جو وقت موجود هو.
ان کان پوءِ سمورن آءِ فونز جي اشتهاري تصويرن ۽ ٻئي مواد تي ڊوائسز تي اهو ئي وقت لکيل نظر ايندو آهي.
ايپل جي اڳوڻي عهديدار اسڪاٽ فور اسٽال ٻڌايو ته اسان آءِ فون جي تصوير اسڪرين تي ايونٽ جا 40 منٽ پورا ٿيڻ تي ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو هو.
هن ٻڌايو ته اسان چاهيون پيا ان وقت ڊوائس جي اسڪرين تي ڏيکاريو ويندڙ وقت ايونٽ ۾ موجود ماڻهن جي گهڙين جي ويجهو هجي، اهو ئي سبب آهي جو اسان ان وقت جي چونڊ ڪئي.
هونئن دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اسٽيو جابز جڏهن ڊوائس کي ڏيکاريو ته ان وقت گھڙين ۾ حقيقي وقت 9:42 هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔