جڙانوالا واقعي جي ذميوارن کي عبرت جو نشان بنايو ويندو: نگران وزيراعظم

اسلام آباد: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان مسيحي برادري جي وفد ملاقات ڪئي آهي ۽ جڙانوالا سانحي تي وقت تي قدم کڻڻ تي سندس ٿورو ادا ڪيو.

وفد سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم چيو ته سموري رياستي مشينري اقليتن جي حقن ۽ تحفظ جي حوالي سان انهن سان گڏ بيٺل آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا بنيادي حق حاصل آهن. اسان جو آئين، ذات، نسل ۽ رنگ جي فرق کان سواءِ سمورين شهرين کي سماجي مذهب سياسي ۽ معاشي حق ڏئي ٿو

هن چيو ته جڙانوالا واقعي جي ذميوارن کي عبرت جو نشانو بنايو ويندو ته جيئن اهڙن واقعن جو فيصلو ٿي سگهي. اقليتي برادري  پنهنجي مسئلن تي تجويز حڪومت تائين پهچائيندي. جيستائين ممڪن ٿيو مسئلن کي حل ڪنداسين. هن چيو ته اقليتي برادري جو پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي.

وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ ٻئي جي عقيدن جي احترام سان ئي پرامن ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي. انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

وفد اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ خالد جارج جي بطور انساني حقن بابت وفاقي وزير جي طور تي مقرري خوشي جوڳو قدم قرار ڏنو. ملاقات ۾ نگران وفاقي وزير خالد جارج ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔