ذخيرو ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائيون، انٽربئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ سستو

وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران ڊالر جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي خلاف ڪارراوئي جي شروعات کانپوءِ  کان  پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ بهتري جو سلسلو جاري آهي.

انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي ملهه ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي .

اڄ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جو وهڪرو 1.45 روپيا گهٽ ٿيو آهي .انٽر بئنڪ ۾ هڪ ڊالر 301 رپيا 50 پئسن جو آهي .

انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر پنهنجي بلند ترين سطح کان 5 رپيا 60 پئسا هيٺ آيو آهي جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر 6 رپيا سستو ٿي 299 رپين جو ٿي ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔