سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ 56 لک 96 هزار 147 ٿي وئي

ڪراچي: نئين ڊجيٽل آدمشماري موجب سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ 56 لک 96 هزار 147 ٿي وئي، 2017 جي آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510 ريڪارڊ ڪئي وئي هئي، 2017 کان 2023 تائين سنڌ جي آباديءَ ۾ 2 ڏهائي 57 سيڪڙو اضافو ٿيو

سي سي آءِ پاران ڊجيٽل آدمشماري جا گزيٽڊ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشنس موجب سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي آبادي 2 ڪروڙ 57 لک 71 هزار 71 آهي

 سنڌ جي شهري علائقن جي آبادي 2 ڪروڙ 99 لک 25 هزار 76 ٿي وئي، سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي آباديءَ ۾ هڪ ڏهائي 90 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، سنڌ جي شهري علائقن جي آباديءَ ۾ 3 ڏهائي 17 سيڪڙو جو اضافو ٿيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔